| عماد وسيم ۽ نائلا راجا جي وڊيو وائرل: واهپيدار پاران سخت تنقيد |
لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر عماد وسيم ۽ سندس ٻي گهرواري نائلا راجا جي هڪ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي کين سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عماد وسيم فيبروري 2026 ۾ نائلا سان شادي ڪئي هئي. ان کان اڳ هن جي شادي ثانيه اشفاق سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس ٽي ٻار آهن. سوشل ميڊيا واهپيدارن جو وڏو انگ عماد جي پهرين گهرواري جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ کين بي وفا قرار ڏئي رهيو آهي. هڪ واهپيدار لکيو ته “الله ٻين جي مڙسن کي هن کان محفوظ رکي.” جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ هو ته ثانيه اشفاق وڌيڪ خوبصورت هئي.