| عمارت جي يارهين ماڙ تان ڪريل ٻارڙو بچي ويو |
ڊاليان (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ ٻار معجزاتي طور تي هڪ بلند عمارت تان ڪرڻ کانپوءِ به جيئرو بچي ويو. اهو واقعو چين جي صوبي ليوننگ جي شهر ڊاليان ۾ پيش آيو. 4 سالن جو ڇوڪرو هڪ اپارٽمينٽ بلڊنگ جي 11 هين منزل تان ڪري پيو. جڏهن ڇوڪرو هوش ۾ آيو ته هن روئندي پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هو مٿي چڙهيو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري رهيو هو ۽ کيس گهر واپس ايندي ڏسڻ چاهي پيو. ڇوڪرو جنهن جو نالو شيائومنگ آهي 11 اپريل تي گهر ۾ اڪيلو هو ۽ سندس والدين سامان پهچائڻ لاءِ ٻاهر ويل هئا. ڇوڪري جي ماءُ چيو ته انهن جلد گهر واپس اچڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهن کي پڪ هئي ته ڇوڪرو محفوظ هوندو. اسان در دريون بند ڪري ڇڏيا هئا گهر ۾ لڳل ڪئميرا ذريعي ڪنهن به وقت ڇوڪرو ڏسي سگهون پيا. هن چيو ته ڪنهن طرح ڇوڪرو دري ۾ ويو جڏهن شيائومنگ جو پيءُ 2 ڪلاڪن بعد گهر واپس آيو ته هن کي خبر پئي ته سندس پٽ غائب آهي هو کيس ڏسڻ لاءِ هيٺ ويو ۽ هن کي فرش تي پيل ڏٺو. هو ٻار کڻي اسپتال ويو جتي ڊاڪٽرن سندس حالت نازڪ قرار ڏني. سندس ڪيتريون ئي هڏيون ٽٽي ويون هيون جڏهن ته سندس جگر، ڦڦڙن ۽ گردن کي به نقصان پهتو هو. پيءُ چيو ته ڊاڪٽرن چيو ته ٻار جي بچڻ جو امڪان صرف 5 سيڪڙو هو ۽ جڏهن اسان اهو ٻڌو ته ائين محسوس ٿيو ته آسمان اسان تي ڪري پيو آهي. خوشقسمتيءَ سان 18 ڏينهن کان پوءِ شيائومنگ جي حالت بهتر ٿي وئي ۽ کيس آءِ سي يو مان جنرل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي هو اڃا تائين علاج ڪرائي رهيو آهي. والدين کي يقين آهي ته سندن پٽ جلد صحتياب ٿي ويندو ۽ سندس بقا کي معجزو سڏين ٿا.