| عمان ۾ سنڌ جا رنگ نکري پيا، شاندار ثقافتي تقريب، هزارين ماڻهو آيا |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ڪميونٽي عمان پاران سنڌ رنگ جي نالي سان هڪ رنگا رنگ تقريب رکي وئي، عمان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر نويد صفدر بخاري ، پاڪستاني ڪميونٽي جي شيخ سيد فياض علي شاھ ، ڪراچي ۾ مقرر عمان جي صفير سمي ال کنجري ، عماني ڪميونٽي ، سنڌي ڪميونٽي سميت پوري عمان مان پاڪستانين شرڪت ڪئي ، تقريب جي شروعات دعا ، عمان ۽ پاڪستان جي قومي تراني سان ڪئي وئي ، تقريب ۾ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي ، آجياڻي تقرير سنڌي ڪميوبٽي جي اڳواڻ ۽ پاڪستان سوشل ڪلب جي ثقافتي ڊاريڪٽر محمد عثمان لکڻ ڪئي، آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ويو ، ڊاڪٽر دليپ ڪمار سنڌ ۾ سماجي ڪمن جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، پروفيسر احمد نواز هڪڙو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي روشني وڌي ، ڊاڪٽر شرف عطاالله شاھ پنهنجي خطاب ۾ چيو ت اڄ بهترين ڏينهن آهي جو پاڪستان ايمبيسي ۽ پاڪستان سوشل ڪلب سنڌي ثقافت جي هن تقريب ۾ گڏ آهن ، ان موقعي تي سفير پاڪستان چيو ت سنڌ جي تهذيب تمام پراڻي ء ثقافتي تقريبون ڪنهن ب قوم جي سڃاڻپ کي زندھ رکڻ لاء لازمي آهن ، ان موقعي تي ڪراچي ۾ مقرر عمان جي سفير سمي الخنجري چيو ت ڪراچي ۾ رهڻ دوران اهو اندازو ٿيو ت سنڌي ماڻهون مهمان نواز ۽ محبتي آهي، سنڌي ميوزڪ بهترين آهي ، ان موقعي تي سنڌ مان آيل شهلا گل ، ضامن علي ، واحد ۽ ساجد ڪلچرل گروپ ماڻهن کي جهومائيندا رهيا، آخر ۾ اصغر کوسو ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو ، سنڌ رنگ جي هن ميلي ۾ پوري عمان مان هزارين سنڌ واسين سميت پاڪستان واسين به شرڪت ڪئي، تقريب شام چار بجي شروع ٿي جيڪا رات جو 11بجي تائين جاري رهي، ڊنر جو به اهتمام ڪيو ويو، ٻارن کان تقريرون ۽ مختلف سوال ڪري پنجاھ انعام ڏنا ويا، شرڪت ڪندڙن کي ايل اي ڊي ۽ هڪ عمري جو پيڪيج به ڏنو ويو ، سنڌ رنگ ۾ سوين فيملين خوب مزو ورتو ـ