ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) دبئي ۾ نواز ليگ ۽ پ پ قيادت ۾ ملاقاتن دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن ۾ نگران سيٽ اپ جي نالن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ٻنهي جماعتن جي کٽڻ جي صورت ۾ اقتدار جي تقسيم جو فارمولو شامل آهي
ذريعن موجب نواز ليگ جي قائد نواز شريف ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سميت ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن وچ ۾ ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ بابت هڪ هفتي دوران ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون
ملاقاتن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، نواز ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز ۽ وزير قانون اعظم نذير تارڙ به حصو ورتو
نواز شريف جي پاڪستان واپسي تي به ڳالهيون ڪيون ويون، نواز شريف جي 14 آگسٽ تي واپسي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي
ذريعن موجب چونڊن واري معاملي تي ٻنهي پارٽين جي راءِ مختلف هئي، نواز ليگ چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون يا نه ان بابت واضح ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته پيپلزپارٽي واضح طور چيو ته مقرر وقت تي چونڊون ٿيڻ گهرجن
پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ڊان نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ جو بيانيو اهو آهي ته آگسٽ ۾ موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن
ذريعن موجب آصف زرداري پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڏسڻ جو خواهشمند آهي، آصف زرداري ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب اندر نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمنيٽ بابت به ڳالهيون ڪري سگهي ٿو
ذريعن موجب عمران خان جي پارٽي پي ٽي آءِ جي مستقبل جو معاملو به غور هيٺ ايندو جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته پي ٽي آءِ کي چونڊن کان ٻاهر رکجي يا اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي
پيپلزپارٽي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ خلاف حڪمت عملي تي 9 مئي کان اڳ ٻنهي وچ ۾ مڪمل مفاهمت هئي، پر هاڻ جڏهن عمران خان ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اهم ناهي رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ پي ڊي ايم جي خيال ۾ ٻئي ڌريون مستقبل جي سيٽ اپ ۾ وڏو حصو ماڻڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا پتا احتياط سان کيڏي رهيون آهن