عمران اسماعيل، علي زيدي ۽ خسرو بختيار سوڌو وڌيڪ ڪيترائي اڳواڻ پي ٽي آءِ ڇڏي ويا
مَي 27, 2023
ڪراچي/لاهور (اسٽاف رپورٽر+ پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، علي زيدي ۽ خسرو بختيار سوڌو وڌيڪ ڪيترائي اڳواڻ پي ٽي آءِ کي الوداع ڪري ويا
اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو کيس عدالتي حڪم تي سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد ڪيو ويو
جيل مان آزادي ملڻ بعد هن پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي خدا حافظ چئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته اها خبر ناهي ته اڳتي هلي سياست جاري رکندس يا نه، 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي
ٻئي طرف اڳوڻو وفاقي وزير علي زيدي به عمران سان گڏ نه بيهي سگهيو، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ سان گڏ سياست به ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
علي زيدي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 9 مئي جا واقعا ڏکوئيندڙ هئا جنهن تي صدمو رسيو اهڙي ڪڌي حرڪت جي مذمت ڪريان ٿو
I quit PTI, resign from all posts, will focus on export import business and Pakistan Army Zindabaad: Ali Zaidi pic.twitter.com/8r5kOwYziZ
— Murtaza Ali Shah (@MurtazaViews) May 27, 2023
هوڏانهن اڳوڻي وفاقي وزير خسرو بختيار به پاڪستان تحريڪ انصاف کان راهون جدا ڪري ورتيون آهن، هڪ وڊيو بيان ۾ خسرو بختيار چيوته پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي جي ميمبرشپ ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدارت به ڇڏي رهيو آهيان
A lesson in how NOT to read a script that is being shuffled (on paper) in front of you. pic.twitter.com/1mZH3kmpM9
— Syed Talat Hussain (@TalatHussain12) May 27, 2023