عمران اسماعيل صحافي ٿيندو يا رڪشا هلائيندو؟ تبديلي اچي وئي

مَي 27, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي پر هاڻي هو ڇا ڪندو؟ صحافي ٿيندو يا وري رڪشا هلائيندو؟

جيل مان آزادي کانپوءِ عمران اسماعيل صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران مختلف سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا

صحافي سوال ڪيو ته سياست کي الوداع ڪيو آهي هاڻي واندڪائي ۾ ڇا ڪندا ؟ جنهن تي عمران اسماعيل چيو ته سوچان ٿو ته هاڻي صحافي ٿيان

صحافي سوال ڪيو ته هاڻي توهان بزنس ڪندا يا رڪشا هلائيندا؟ جنهن تي عمران اسماعيل کلندي چيو ته ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻو ئي پوندو

صحافين جي سوال تي عمران اسماعيل چيو ته ها هاڻي تبديلي اچي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ