عمران اسماعيل کي ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور موڪلڻ جو فيصلو

مَي 20, 2023

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل کي ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي گهرو کاتي سنڌ موجب عمران اسماعيل کي 30 ڏينهن تحويل ۾ رکيو ويندو

گهرو کاتي موجب عمران اسماعيل وڳوڙن ۽ روڊ بند ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪايو ملڪ ۽ قوم جي جان ۽مال کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي واضح رهي ته عمران اسماعيل کي گذريل رات ڪراچي جي ڊفيس واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو

Leave A Comment