عمران اسماعيل ۽ شفقت محمود حقيقي آزادي مارچ ڪيس مان بري

عمران اسماعيل ۽ شفقت محمود حقيقي آزادي مارچ ڪيس مان بري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻن ۽ ڪارڪنن خلاف حقيقي آزادي مارچ واري ڪيس ۾ اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شفقت محمود جي بريت واريون درخواستون منظور، جوڊيشل مئجسٽريٽ مبشر حسن چشتي بريت واري درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. بريت واري درخواستن تي ٻڌڻي مئجسٽريٽ مبشر حسن چشتي ڪئي. پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن بريت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو. عدالت اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شفقت محمود جي بريت وارين درخواستن کي منظور ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ٻئي پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي بريت وارين درخواستن کي عدالت رد ڪندي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ٿاڻي باره ڪوهه ۾ ٻه ڪيس داخل آهن.