عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي کي ف ليگ ۾ شموليت جي دعوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ فنڪشنل ملڪي سياست ۾ تيزي سان سرگرم، پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ف ليگ قيادت ملاقات ڪري شموليت جي دعوت ڏني. ان حوالي سان ڪالهه حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جو پٽ راشد شاهه محمود مولوي جي گهر پهتو. فنڪشنل ليگ پاران اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي کي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. ان سان گڏ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي عباس جعفري ۽ سنجي گنگواڻي کي به شموليت جي دعوت ڏني وئي. مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي دنڪشنل ليگ قيادت کي چيو ته فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ بابت صلاح مشوري کان پوءِ جواب ڏينداسين، ان موقعي جي جي ڊي اي اڳواڻ حسنين مرزا چيو ته مختلف اڳواڻ فنڪشنل ليگ يا جي ڊي اي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن چونڊن سوڌو گڏ جدوجهد تي به اتفاق ڪيو آهي. راشد شاهه راشدي چيو ته پيپلزپارٽي جا 50 سيڪڙو ايم پي اي اسان سان گڏ آهن، پر في الحال بزدل ماڻهن جي جاءِ ناهي، انهن لاءِ آخري مرحلي ۾ دروازا کولينداسين.