| عمران اڪيلو ڏوهاري ناهي، کيس آڻيندڙ ان کان به وڏا ڏوهاري آهن، سڀني جو برابر احتساب ڪيو وڃي: نوازشريف |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان اڪيلو ڏوهاري ناهي، کيس آڻيندڙ هن کان به وڏا ڏوهاري آهن سڀني جو برابر حساب ٿيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي دور ۾ رڳو تباهي ۽ مهانگائي آئي، بدتميزي عام ٿي، اڄ عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو. نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته موجودا حڪومت طرفان جوڳا قدم کڻڻ سبب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسان پنهنجي گذريل دور ۾ آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، پر هنن (پي ٽي آءِ) جي حڪومتي دور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف جو بار اسان جي مٿان وڌو ويو. سندس چوڻ هو ته اڄ هڪ ڀيرو وري ن ليگ جي حڪومت جي درست رخ ۽ بهترين معاشي پاليسي سبب ملڪ ترقي جي راهه تي آهي، غريب کي مفت طبي سهولتون ملي رهيون آهن، اجهو ملي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ ۾ وڏي تباهي آئي، معيشت، امن امان، اخلاقيات، ملڪ ۽ قوم جو ڏيوالو ڪڍيو ويو. هاڻي ننڍي چونڊن ۾ ماڻهن ڪارڪردگي تي ووٽ ڏنو آهي. نواز شريف چيو ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ طرفان بائيڪاٽ ڪيو ويو، اهو ڪهڙو بائيڪاٽ هو، عمر ايوب جي گهرواري اليڪشن وڙهي رهي هئي، عوام ننڍي چونڊ ۾ ڪوڙ ۽ نفرت کي رد ڪري ڇڏيو، ڪامياب اسيمبلي ميمبرز کي واڌايون پيش ڪريان ٿو، گارگند، بدتميزي ۽ فتنو پکيڙيندڙن جي سياست کي شڪست ٿي.