| عمران بابت حڪومت جا ارادا شفاف نه آهن: ذلفي بخاري |
واشنگٽن (م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي زلفي بخاري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي واضح حڪم جي باوجود، عمران خان کي شفا انٽرنيشنل جي بدران پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو. جيڪڏهن حڪومت وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ته پوءِ آزاد ۽ غير جانبدار ڊاڪٽرن کي عمران خان جو مڪمل طبي معائنو ڪرڻ ۽ سندس طبي رپورٽن تائين رسائي جي اجازت ڏني وڃي.سي اين اين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جا پٽ سليمان ۽ قاسم پنهنجي پيءُ جي حق ۾ آواز بلند ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي دنيا جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن پڻ سندس حمايت جو اظهار ڪيو آهي. ذلفي بخاري موجب عمران خان پنهنجي ڀيڻ کي چيو هو هي مون کي آهستي آهستي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هي انهن جو منصوبو آهي. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته عمران خان کي شفا انٽرنيشنل منتقل نه ڪيو ويو ۽ سندس طبي معاملن ۾ مڪمل شفافيت نه هئي جنهن سان وڌيڪ سوال پيدا ٿين ٿا.