عمران- بشريٰ نڪاح ڪيس: هاءِ ڪورٽ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
جنوري 20, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت باني چيئرمين تحريڪ انصاف جي درخواست تي خاور مانيڪا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جستش عامر فاروق باني چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا ته پوري ضلعي جوڊيشري اڊيالا جيل ۾ موجود آهي، شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن، ان تي عدالت سوال ڪيو ته شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان روڪي ٿا وٺون ڪيس ٻڌايو ڇا آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته هن جي بيان کي مڃيو وڃي ته طلاق جي 48 ڏينهن بعد نڪاح ٿيو. عمومي طور تي 90 ڏينهن جو وقت هوندو آهي. عدت جي مدت متعلق سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته فرض ڪريو ان متعلق سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود ناهي، اوهان هن درخواست ۾ ڇا چئلينج ڪيو آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي جاري سمن چئلينج ڪيو آهي. عدالت چيو ته قانون مطابق نڪاح جيڪڏهن عدت ۾ ٿئي ته بعد ۾ رييگيولرائيز ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن نڪاح باقاعدا به ناهي هوندو ته ان ۾ ڏوهه ڪهڙو آهي؟ عدالت عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي درخواست تي خاور مانيڪا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.