عمران بي ايمان، بشريٰ، فرح، شهزاد اڪبر سهولتڪار، 190ملين پائونڊ اسڪينڊل جو ريفرنس داخل

ڊسمبر 2, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برطانيا کان  مليل 190ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران ۽ بشريٰ جو گهيرو تنگ، نيب 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، نيب راولپنڊي طرفان احتساب عدالت اسلام آباد ۾ داخل ڪرايل ريفرنس ۾ فرح گوگي، ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ ٻين جا نالا به جوابدار طور شامل آهن، نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر مظفر عباسي جاچ آفيسر ميان عمر نديم سان گڏجي عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو، احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس طرفان ريفرنس جي جاچ پڙتال شروع ڪئي وئي آهي. نيب راولپنڊي طرفان داخل ريفرنس ۾ ڪل 8 جوابدارن جا نالا ڏنا ويا، جن ۾ بيرسٽر ضياءُ مصطفيٰ ۽ ملڪ رياض به شامل آهي، ريفرنس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته اپريل 2019ع ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ کي غيرقانوني فائدو ڏنو ويو، پئسن جي غيرقانوني منتقلي جي غلط مقصد پويان پي ٽي آءِ چيئرمين هو، چيئرمين پي ٽي آءِ برطانيا کان مليل رقم بابت نوٽ اِن ڪيمرا ڪابينا سامهون رکيو، جنهن کي ڊسمبر 2019ع ۾ ڪابينا منظور ڪيو، چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ شهزاد اڪبر لڪي ڪري بي ايماني جو سهارو ورتو، برطانيا ۾ ضبط ٿيل پراپرٽي رياست پاڪستان جي هئي، غلط عڪاسي ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ ۾ اڪائونٽ رياست پاڪستان جي مفاد ۾ هلايو پيو وڃي. القادر ٽرسٽ يونيورسٽي جي مد ۾ ذلفي بخاري ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين کي 458 ڪنال زمين ملي، جاچ ۾ خبر پئي ته عمران کي فائدو پهچايو ويو ان وقت ته القادر ٽرسٽ يونيورسٽي جو وجود ئي نه هو، بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس سان گڏجي غيرقانوني ڪم ڪيو، فرح گوگي کي جنوري 2022ع ۾ القادر ٽرسٽ جو ٽرسٽي بڻايو ويو، 240 ڪنال زمين فرح جي نالي منتقل ٿي، ريفرنس ۾ چيو ويو ته عمران سوڌو 8 جوابدارڪرپشن جا مرتڪب ٿيا آهن، ثبوت موجود آهن، ٽرائل ڪورٽ وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري،  جڏهن ته اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين کي نيب ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار پڻ ڪري رکيو آهي.

Leave A Comment