| عمران تباهي ۽ مهانگائي آندي، آفريدي جو حساب ٿي سگهي ٿو: راڻا ثناءَ |
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ چيو آهي ته عمران خان پراجيڪٽ سان ملڪ اندر مهانگي ۽ تباهي وڌي وئي، آءِ ايم ايف جي شرطن سبب ماڻهن کي رليف نه ڏئي رهيا آهيون، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته راڻا ثناءَ وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ٿيندو ته عوام کي رليف ڏئي سگهنداسين، 2017ع ۾ مهانگائي 3 سيڪڙو هئي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي دور ۾ 40 سيڪڙو ٿي وئي، پي ٽي آءِ باني پروجيڪٽ جي لانچ ٿيڻ بعد ملڪ ۾ تباهي آئي، هن وڌيڪ چيو ته هري پور جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي خوشي به ٿي ۽ حيراني به، ڪي پي جو وڏو وزير هري پور ۾ مهم هلائي رهيو هو ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهيو هو، انهن ماڻهن جو حساب بعد ۾ به ٿي سگهي ٿو، پهريان ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ٿيڻ گهرجي