عمران جون جيل ٽرائل خلاف درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار، توشا خانه جا تحفا واپس ڏيڻ گهرجن: عدالت

جنوري 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشا خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جيل ٽرائل خلاف اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون قرار ڏئي ڇڏيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت نيب ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري سومر تائين جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس ميان گل حسن اونگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته اهي تحفا اسٽيٽ جا هوندا آهن، ان وٽ ئي رهڻ گهرجن، هي ڪا سيل لڳل آهي ڇا 50 سيڪڙو رعايت آهي ۽ 20 سيڪڙو رعايت آهي، پي ٽي آءِ جي باني جيل ٽرائل خلاف داخل درخواستن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ٻڌڻي ڪئي، وڪيل لطيف کوسا چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جج جي مقرري به قانون موجب ناهي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اسان کي ان جو پروسيز ئي ڏسڻو آهي ته ٺيڪ آهي يا نه. اسان کي اهو ناهي ڏسڻو ته ٽرائل هتي ڪريو يا جيل ۾ ڪيو وڃي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته مختصر فيصلو ته اسان جو موجود هيو، جوڊيشل آرڊر هيو اهو ڏسي رهيا آهيون. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته توشه خاني جا تحفا پاڪستان جي رياست جي ملڪيت آهن، اهي تحفا واپس ڏيڻ گهرجن. توشا خانه حڪومت جي ٽجوڙي آهي ۽ ان جو نگران سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ آهي، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته ان ڳالھه کي يقيني بڻائي ته ڪو اتان ڪجهه کڻي نه وڃي پر هن ته دروازو سڀني لاءِ کولي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مناسب حڪم جاري ڪيو ويندو. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي ڪجهه دير  وقفي کانپوءِ ڪئي وئي، عدالت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي درخواستن کي ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي نيب کي سومر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت گهرو سيڪريٽري کي به نوٽيس جاري ڪري ڪندي کيس طلب ڪيو آهي. عدالت چيو ته سومر تي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment