لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پي ٽي آءِ باني جي آءِ ايم ايف کي خط لکڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران جو آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو مقصد ٻاهرين مداخلت شامل ڪرڻ آهي
ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارن ماضي ۾ به آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اڳ به سندن سازش بي نقاب ٿي هئي
سندس چوڻ هو ته هڪ ٽولو ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي