عمران جو حامي رٽائرڊ ميجر عادل راجا لنڊن ۾ گرفتاري بعد آزاد

جُون 14, 2023

لنڊن ( م ڊ) پاڪستاني فوج جي رٽائرڊ ميجر عادل راجا ۽ عمران خان جي مداح يوٽيوب کي لنڊن پوليس 8 ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

اربع تي عادل راجا جي وڪيل مهتاب عزيز تصديق ڪئي ته کيس پڇا ڳاڇا کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي.عادل راجا کي پوليس دهشتگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو،

 وڪيل موجب عادل راجا جو موبائل ۽ ليپ ٽاپ پوليس قبضي ۾ ورتو آهي، لنڊن پوليس اڪثر ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ضمانت تي آزاد ڪندي آهي. عادل راجا پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ لنڊن هليو ويو هو

 ان خلاف پاڪستان ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن هو عمران خان جو حمايتي ۽ پنهنجي يوٽيوب چينل ذريعي فوج ۽ ان جي اعليٰ عملدارن خلاف سنگين الزام لڳائيندو رهي ٿو.

 

Leave A Comment