عمران جو سائفر پلان ڊرامو قرار: اعظم خان جو اعتراف

جُولاءِ 19, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سائفر معاملي تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو آهي

ذريعن موجب اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان 164 تحت ميجسٽريٽ سامهون اعترافي بيان رڪارڊ ڪرايو، اعظم خان چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان خلاف بيان رڪارڊ ڪرائيندي سائفر کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش قرار ڏنو

ذريعن موجب اعظم خان چيو ته سائفر معاملي ۾ سموري ڪابينا جي ميمبرن کي ملوث ڪيو ويو ۽ سمورن ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سائفر کي ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو

اعظم خان چيو ته سائفر جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، سائفر کي صرف سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو اهو سڀ طئي ٿيل پلان هو

اعظم خان چيو ته سياسي مقصدن لاءِ سائفر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو، عمران خان سموريون حقيقتون لڪائي سائفر جو ڪوڙو ۽ بي بنياد بيانيو ٺاهيو

اعظم خان چيو ته بي اعتمادي رٿ کان بچڻ لاءِ سائفر کي پرڏيهي سازش جو رنگ ڏنو ويو، عمران خان چيو ته سائفر کي غلط رنگ ڏئي عوام جو بيانيو بدلائي ڇڏيندس

اعظم خان چيو ته عمران خان سائفر مون کان 9 مارچ تي وٺي ڇڏيو ۽ بعد ۾ گم ڪري ڇڏيو، عمران خان سائفر ڊرامي ذريعي عوام ۾ ملڪي سلامتي ادارن خلاف نفرت جو ٻج ڇٽيو، منع ڪرڻ باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين سيڪريٽ خط ذاتي مفادن لاءِ لوڏي ڏيکاريو

ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم سائفر کي اپوزيشن، اسٽبلشمينٽ خلاف بيانيو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سائفر به پاڻ وٽ رکي ڇڏيو جيڪو عمل قانون جي ڀڃڪڙي آهي، سائفر واپس گهرڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين ان جي گم ٿيڻ جو ڄاڻايو

ذريعن موجب 28مارچ تي بني گالا ميٽنگ، 30 مارچ تي خصوصي ڪابينا اجلاس ۾ سائفر معاملو بحث هيٺ آيو، پرڏيهي سيڪريٽري سائفر بابت ٻڌايو

سائفر معاملو ڇا آهي؟

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي خط يا سائفر کي بنياد بڻائي پنهنجي حڪومت خلاف سازش جو بيانيو ٺاهيو هو جنهن ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته سندس حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جو هٿ آهي، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سائفر معاملي تي پي ٽي آءِ حڪومت جي موقف کي رد ڪيو ويو هو

سائفر بابت عمران خان ۽ اعظم خان جي هڪ آڊيو به سامهون آئي هئي جنهن ۾ عمران خان چيو هو ته هاڻ اسان کي صرف کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو، اعظم خان جواب ڏيندي چوي ٿو ته آئون اهو سوچي رهيو هيس ته ان سائفر جي معاملي تي هڪ ميٽنگ ڪجي

آڊيو کانپوءِ وفاقي ڪابينا اهو معاملو جاچ لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪيو هو، اعظم خان پي ٽي آءِ جي دور ۾ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جو پرنسپل سيڪريٽري هو ۽ وزيراعظم جي انتهائي ويجهو سمجهيو ويندو هو

فوجي ترجمان جي ترديد

سائفر جي حوالي سان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته سفائر تي ڊرامائي انداز ۾ بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ افواهه ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ويون جنهن جو مقصد سياسي فائدو کڻڻ هو

Leave A Comment