عمران جو شفا اسپتال ۾ علاج: عالمي برادري کي مداخلت جي اپيل

عمران جو شفا اسپتال ۾ علاج: عالمي برادري کي مداخلت جي اپيل

اسلام آباد: تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان عالمي برادري کي عمران خان جي علاج لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، پاڪستان جي صورتحال تي عالمي برادري ۽ سفارتي برادري کي پيغام موڪليو آهي. بيان موجب عالمي ۽ سفارتي برادري کي عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مطالبي ۾ چيو ويو آهي ته هي علاج عمران خان جي خاندان جي تجويز ڪيل ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ڪيو وڃي.