عمران جو علاج ڪرايو، حڪومت نه ڪيرائينداسين(پي ٽي آءِ) سياست نه ڪيو، عدالتي حڪم تي عمل ڪيو آهي: سرڪار

عمران جو علاج ڪرايو، حڪومت نه ڪيرائينداسين(پي ٽي آءِ) سياست نه ڪيو، عدالتي حڪم تي عمل ڪيو آهي: سرڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيو آهي ته وفاقي سرڪار عمران جي علاج بابت وڏي دل جو مظاهرو ڪري، حڪومت نه ڪيرائينداسين، حڪومت جواب ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ان معاملي تي سياست نه ڪري، عدالتي حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو ان جو فيصلو 16 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ پاڻ ڪندي. تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران اپوزيشن ليڊر راجا ناصر عباس چيو ته وفاقي سرڪار پي ٽي آءِ باني جي علاج واري معاملي تي وڏي دل جو مظاهرو نه ڪيو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي ها، اسان يقين ٿا ڏياريون ته حڪومت کي ڪيرائڻ جو سبب نه بڻجنداسين، هن چيو ته سياستدانن ۽ سياست کي چٿڻ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ سياست ڪير ڪندو، هاڻي به وقت نه گذريو آهي، وڏي دل جو مظاهرو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ باني کي علاج لاءِ اسپتال وٺي اچو، سينيٽر علي ظفر چيو ته عمران جي صحت تي حڪومت عدالت نه بڻجي، عدالتي حڪم باوجود عمران کي شفا اسپتال منتقل نه ڪيو ويو، نه ميڊيڪل بورڊ جڙيو نه ئي چڪاس ٿي، سيڪيورٽي جو معاملو هڪ بهانو هو، ڪنهن جي صحت سان نه کيڏڻ گهرجي. مشال يوسفزئي چيو ته ڇا باني پي ٽي آءِ جو بلڊ ٽيسٽ ٿيو، ڇا سي ٽي اينجيوگرافي ڪئي وئي. عمران خان نواز شريف وانگر شفا اسپتال مان بني گالا ۽ پوءِ ٻاهر نه ويندو. منهنجو اڳواڻ ميڊيڪل گرائونڊ تي ٻاهر نه ايندو. اعظم سواتي چيو ته خدا نه ڪري عمران خان کي زهر ڏنو پيو وڃي. عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مان دنيا مان هليو وڃان ته منهنجون سموريون ملڪيتون شوڪت خانم ۽ ٻين ادارن کي ڏنيون وڃن. وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله سينيٽ اجلاس دوران چيو ته وفاقي سرڪار پي ٽي آءِ باني جي علاج بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوري خلوص سان عمل ڪيو آهي، عدالتي حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو آهي ان جو فيصلو 16 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ پاڻ ڪندي، هن چيو ته عدالتي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ باني جو علاج نجي اسپتال مان ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان جي نه گنجائش هئي ۽ نه وري ماضي ۾ اهڙو ڪو مثال ملي ٿو، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي به پي ٽي آءِ باني جي صحت تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وارن جي پريس ڪانفرنس ڏسي وٺو، اهو ڇو چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني هي حڪم ڏنو آهي، اها ڳالهه وڏي وزير سهيل آفريدي جي ڪن ۾ به ٻڌائي پئي سگهيا، پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن جي سهولتن جي واپسي جو سبب ملاقاتن جو غلط استعمال هو.