| عمران جو عيد تي ٻارن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪرايو ويندو: تارڙ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاء الله تارڙ جمائما گولڊ اسمٿ کي ٽويٽر تي جواب ڏيندي چيو ته ماضي وانگر هن ڀيري به عمران خان جي عيد تي ٻارن سان فون تي ڳالھ ڪرائي ويندي، عمران خان جا ٻار نائيڪوپ ذريعي پاڪستان اچي سگهن ٿا ۽ انهن کي پاڪستاني ويزا جي ضرورت نه پوندي. پاڪستان ۾ رهڻ دوران ٻارن کي پاڪستان جي قانونن جي مڪمل پاسداري لازمي هوندي. جمائما گولڊ اسمٿ ٽويٽ ۾ عمران خان جي ٻارن لاءِ ویزا درخواست ۾ تاخير جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا هئا.