رات جو دير سان هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيوته ايجنسين هڪ ڳالهه ٻولهه پڪڙي آهي، ڳالهه ٻولهه پي ٽي آءِ جي گهرن تي ڇاپن بابت آهي جنهن ۾ ٻن قسمن جي منصوبن جي نشاندهي ٿي آهي
هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ موجود ڪردارن کي به واچ ڪيو ويو، منصوبو جوڙيو ويو هو ته ڪنهن پي ٽي آءِ ميمبر جي گهر تي ڇاپو لڳي ۽ فائرنگ به ٿئي، فائرنگ جو اشو بنائي تاثر ڏنو وڃي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. منصوبي تي اڄ رات ئي عمل ٿيڻو هو پر ادارن ناڪام بڻائي ڇڏيو
گهرو وزير چيو ته ٻيو منصوبو ريپ ايڪٽ جو ٺاهيو ويو هو ته جيئن پوءِ ان کي ميڊيا تي وڌائي پيش ڪيو وڃي ۽ جنسي ڏاڍائي جو الزام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي لڳايو وڃي ها پر ڳجھن ادارن ان کي وقت سر ظاهر ڪيو آهي
هن چيو ته عمراني فتني جو مقصد ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ آهي. ان سڄي واقعي ڪرائڻ کان پوءِ خليل زاد جهڙن ماڻهن کي پيسا ڏئي پاڪستان خلاف واويلا ڪئي وڃي ها، هنن منصوبن تي عمل ٿي وڃي ها ته تاثر ڏنو وڃي ها ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي تمام گھڻي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، ان ڪري اسان قوم کي هن منصوبي کان آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهيو
راڻا ثناءُ الله چيو ته ان قسم جي ڪڌي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسين ان قسم جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته هي ڪجهه به ڪن 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهو سزا کان نه بچي سگهندا