عمران جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ٿيندو: اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڊسمبر 6, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ٿيندو، اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

فيصلي موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ جو ٽرائل به جيل ۾ ٿيندو، اليڪشن ڪميشن موجب ٻڌڻي 13 ڊسمبر  تي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي

 ڊپٽي ڊائريڪٽرلاء صائمه جنجوعا  توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ ٽرائل بابت محفوظ فيصلو ٻڌايو، جنهن تحت پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ فواد چوڌري جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

اڊيالا جيل  ۾ ٽرائل بابت اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪيو هو، گهرو وزارت کي ٻن ڏينهن ۾ قانوني  گهرجون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جو ڪيس ناهي ٻڌايو ويو

Leave A Comment