ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، ڪور ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه ڌڙا آمهون سامهون اچي ويا، سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ڪور ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اڳواڻن هڪٻئي کي غدار قرار ڏنو، ڪجهه ميمبرن چيو ته ڪورڪاميٽي اجلاس ۾ هاڻ سنجيده مامرن تي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن
ذريعن موجب ڪاميٽي جي هڪ ميمبر چيو ته هتي هڪ غدار ويٺو آهي، عمر ايوب، شبلي فراز اجازت ڏين ته پارٽي اندر غدار جي نشاندهي ڪندس
ذريعن موجب ڪور ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جي رڪارڊنگ ۽ تفصيل مخالفن سوڌو ميڊيا تائين پهچائڻ جي ڳالهه تي به اختلاف رهيا
ذريعن موجب عمر ايوب ۽ شاهه محمود قريشي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو جانشين بڻجڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن
اجلاس ۾ غدار قرار ڏنل اڳواڻ سان عمر ايوب مسلسل رابطي ۾ آهي، ذريعن موجب سينئر اڳواڻن کي غدار قرار ڏيڻ جو تعلق شبلي فراز ۽ عمر ايوب جي گروپ سان تعلق آهي