عمران جي آزادي تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو

مَي 10, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي تائين سموري ملڪ ۾ احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ٽوڙ ڦوڙ پي ٽي آءِ خلاف سازش آهي،ڪارڪن پرامن رهن ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکن.  اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اهم ترين اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾مرڪزي قيادت ۽ هنگامي ڪميٽي جا ميمبر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾عمران خان جي آزاديءَ تائين سڄي ملڪ ۾پر امن احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ترجمان جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي طرف جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ ۾ سنگين آئيني بحران شروع ٿي چڪو آهي، حڪومت چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ غيرقانوني رستو اختيار ڪيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، عمران خان جي گرفتاري به ان سازش جو حصو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج پرامن آهي پر ان ۾ وڳوڙي ماڻهو شامل ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان تائين رسائي نه پئي ڏني وڃي، رسائي ملڻ بعد سندس حالت بابت خبر پئجي سگهندي، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۾ پي ٽي آءِ ملوث نه آهي، سرڪاري ماڻهو ڀڃ ڊاهه ڪري رهيا آهن

Leave A Comment