عمران جي آزادي جو اڃا امڪان ناهي، پرامن رهڻ جي ضمانت ڪير ڏيندو؟ حڪومت
نومبر 21, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته عمران جي آزادي جو اڃا ڪو به امڪان ناهي، اڃا تائين 9 مئي ڪيسز ۾ ضمانت ناهي ٿي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته توشا خانه ٽو ڪيس ۾ ضمانت ٿي آهي ڪيس هلي رهيو آهي ڪيترائي ثبوت آهن ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس اڳتي هلندو ته ضمانت ختم به ٿي سگهي ٿي، ڳالهين بابت سوال تي هن چيو ته ڳالهيون ٿيون به ته پي ٽي آءِ جي پرامن رهڻ جي ضمانت ڪير ڏيندو؟ هونئن به ڳالهيون صوبن ۽ وفاق ۾ ٿينديون آهن، عطا تارڙ چيو ته اها سڀني کي خبر آهي ته 9مئي جون هدايتون پي ٽي آءِ ڏنيون هيون.