| عمران جي آزادي: نئون اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري نيون چونڊون ڪرايو: اي پي سي جو پڌرنامو |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان پاران ڪوٺايل قومي مشاورتي ڪانفرنس ملڪ جي موجوده سياسي، آئيني، معاشي ۽ سماجي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ شفاف ۽ انصاف ڀريون چونڊون يقيني بڻايون وڃن. پڌرنامي ۾ فوري طور تي غير جانبدار چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري سندس نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پڌرنامي موجب 8 فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي جي آزاد جاچ ڪرائي ذميوارن کي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت سزا ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ سنڌ حڪومت جي ناقص حڪمراني کي تنقيد جو نشانو بڻائي چيو ويو ته گل پلازا (ڪراچي) ۾ باهه جو واقعو، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ، ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا، کليل گٽرن ۾ ٻارن جي فوتگيون، پاڻي جي کوٽ ۽ ٽٽل روڊ سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو کليل ثبوت آهن.ڪانفرنس ۾ عدليه جي آزادي تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. مقررن جو چوڻ هو ته آئيني ترميمن وسيلي ججن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جيڪو انصاف ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خطرناڪ آهي. تحريڪ باضمير ججن خلاف ڪارروائين جي سخت مذمت ڪئي، ڪانفرنس ۾ سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان، بشريٰ بي بي سميت ٻين سياسي اڳواڻن خلاف داخل ڪيس سياسي انتقام جو نتيجو آهن. سڀني سياسي قيدين کي بنا دير آزاد ڪرڻ ۽ پيڪا قانون کي “ڪارو قانون” قرار ڏئي ان کي فوري ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ميڊيا تي دٻاءُ جي سخت مذمت ڪئي وئي.تحريڪ ملڪ ۾ وڌندڙ غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بحران تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي. پڌرنامي موجب ورلڊ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي 44 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن ته صنعتون بند ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن. ڪانفرنس ۾ جبري گمشدگين، خيبر پختونخوا جي صورتحال، صوبائي خودمختياري، وسيلن تي صوبن جي حق، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ علائقائي حالتن بابت پڻ تفصيلي مطالبا پيش ڪيا ويا.تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان اعلان ڪيو ته 8 فيبروري 2026 تي عوامي مينڊيٽ جي پائمالي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ “يومِ سياه” (ڪارو ڏينهن) ملهايو ويندو، انهي ڏينهن ملڪ گير ڦيٿا روڪ ۽ شٽر ڊائون هڙتال پڻ ڪئي ويندي.اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سنڌين جي آهي، ڪي پي پختونن ۽ بلوچستان بلوچن جا آهن، سنڌ زنده باد ٿيندي ته پاڪستان زنده آباد ٿيندو. سنڌ انگريزن جي دور م بغاوت ڪئي ۽ سنڌ جا حر مجاهد انگريز سامراج سان وڙهيا. هن چيو ته ڪي پي جو عوام دهشتگرد آهي ته تمام سفارتخانن ٻاهران پختون گارڊ ڇو ڊيوٽي ڪري رهيا آهن؟ اهڙيو ڳالهيون دل کي تڪليف ڏين ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته غلط پاليسين سبب پنجاب جو زميندار غرق ٿي ويو، جيڪي مراعتون آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان ملن ٿيون ، اهي عوام کي ڏنيون وڃن ها ته جهيڙو ئي ختم ٿي وڃي ها. سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي کي لٽيندئو ۽ اسان نچنداسون، اهو ٿي نٿو سگهي. هن چيو ته ڪراچي علم ۽ دانش جو شهر آهي ۽ هو ڪراچي جي عوام کي ليڪچر ڏيڻ نه پر گڏ بيهڻ آيا آهن. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب سڀني صوبن جا ماڻهو ڀائر آهن، ملڪ کي نفرتن بدران اتحاد جي ضرورت آهي. هن چيو ته غلط پاليسين سبب ملڪ کي سنگين نقصان پهتو آهي. هن زور ڏنو ته 25 ڪروڙ عوام جو مينڊيٽ کسيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت قبول ناهي. هن اعلان ڪيو ته 8 فيبروري تي پرامن طريقي سان نڪرڻو پوندو ۽ عوام کي پنهنجو اتحاد ڏيکارڻو پوندو، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس به هتان ملي ٿو پر هتان جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هن چيو ته عمران خان ٻن سالن کان جيل ۾ آهي ۽ مٿس داخل ڪيس سياسي جبر جو نتيجو آهن. سهيل آفريدي کي سنڌ پاران ڏنل محبتن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، هن سنڌ ۾ خراب حالتن، ٽٽل روڊن ۽ ڪرپشن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ عوام جي مرضي سان هلندو يا ڪجهه مخصوص ماڻهن جي فيصلا سازي سان هلندا، هن چيو ته عوام کان ووٽ جو حق ڦريندڙن مٿان آرٽيڪل 6 لڳايو وڃي، هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز پنهنجون سيٽون هارائي چڪا آهن، اسان حڪومت ۾ اچي ته سڀئي ڪارا قانون واپس وٺنداسين، عوامي مسئلن تي سنڌ سان گڏ آهيون،