| عمران جي آزادي ۽ آئين جي حڪمراني لاءِ عوام ٻاهر نڪري: حليم عادل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪِ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ انصاف هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صحافين ۽ سياستدانن جو هڪٻئي سان ويجهو لاڳاپو هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران ميڊيا سان ڪا زيادتي ٿي آهي ته پارٽي ان تي معذرت خواهه آهي، ڇو ته ميڊيا سماج جو اهم ستون آهي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ ان جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو۔ هن چيو ته باني چيئرمين عمران خان پنهنجو پيغام سنڌ جي گهٽي محلن تائين پهچائڻ لاءِ خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ محمد سهيل آفريدي کي ذميواري سونپي هئي، ان ئي مقصد تحت سهيل آفريدي سنڌ آيو ته جيئن عمران خان جو پيغام سڌو سنئون سنڌ جي عوام تائين پهچي سگهي۔ حليم عادل شيخ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، عدليه جي آزادي ۽ عمران خان جي آزادي چاهيون ٿا ته سڀني طبقن کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو۔ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سان گڏ پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل بئريسٽر سلمان اڪرم راجا، خيبرپختونخوا جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر شامل هئا، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان مان به پارٽي قيادت دوري ۾ شريڪ هئي۔ سنڌ حڪومت جي سينيئر وزير ناصر شاهه رابطو ڪري ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي وزيراعليٰ خيبرپختونخوا کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويندو، جنهن تي پي ٽي آءِ مشاورت بعد سنڌ حڪومت جي فيصلي جو آڌرڀاءُ ڪيو، پر اهو به واضح ڪيو ويو ته اسان کي ڪنهن خاص پروٽوڪول جي ضرورت ناهي، اسان کي صرف آئيني ۽ جمهوري حق کپي ن انڪشاف ڪيو ته جلسي جي رات رائو اعظم سميت ٻارهن ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته جلسي واري ڏينهن به گرفتاريون جاري رهيون۔ حليم عادل شيخ سنڌ حڪومت کان سوال ڪيو ته اين او سي ڏيڻ بعد باغِ جناح ۾ شيلنگ ڇو ڪئي وئي ۽ عوام تي تشدد ڇو ڪيو ويو؟