اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطلي باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين جي آزادي ۾ سائفر ڪيس رنڊڪ بڻجي ويو، سائفر ڪيس ۾ عمران اڳ ئي 30 آگسٽ تائين جوڊيشل رمانڊ تي آهي
سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل عدالت جي جج ابو الحسنات چيئرمين پي ٽي آءِ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو هو، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 30 آگسٽ تي طلب ڪيو هو
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بابت هڪ خط سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل عدالت جي جج پاران سامهون آيو آهي، جنهن موجب 30 آگسٽ تائين عمران جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ ئي رهندو
اٽڪ جيل جي سپرينٽينڊنٽ کي اهو خط موڪليو ويو جنهن ۾ اهو به حڪم ڏنو ويو آهي ته عمران کي سڀاڻي اسپيشل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي