ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس عورت سان زوم ميٽنگ جي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي آڊيو ۾ عمران خان پنهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ جو ذميوار آرمي چيف کي قرار ڏنو ماضي ۾ عمران خان بي اعتمادي رٿ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو هو پر آمريڪا سامهون عمران خان ذميوار اڳوڻي آرمي چيف کي قرار ڏئي ڇڏيو
آمريڪي ڪانگريس عورت سان ڳالهائڻ واري سامهون آيل آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو ته منهنجي حڪومت کي اڳوڻي آرمي چيف هٽايو اسان جي ملڪ ۾ اسٽبلشمينٽ طاقتور آهي جيڪي ماڻهو هن وقت اقتدار ۾ آهن انهن سان گڏجي اڳوڻي آرمي چيف سازش ڪئي اسان جي حڪوت جي گذريل سال ۾ بهترين معاشي ڪارڪردگي هئي
عمران وڌيڪ چوي ٿو ته هن وقت انتهائي مشڪل صورتحال آهي اسان مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون هن ملڪ ۾ تاريخ جي سڀ کان مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون عمران خان چوي ٿو ته منهنجي خان کي خطرو آهي مون تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، منهنجي ڄنگهه ۾ 3 گوليون لڳيون
عمران خان آمريڪي ڪانگريس ميمبر کي مدد جي اپيل ڪندي چوي ٿو ته هن وقت اسان جي پارٽي تاريخ جي بدترين ڪريڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهي آهي پاڪستان ۾ ڪنهن به پارٽي سان ائين ناهي ٿيو چاهيون ٿا ته اوهان پاڻ ان جي باري ۾ جاچ ڪريو هتي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو غيرمعمولي آهي
عمران خان چوي ٿو ته اسان قانون جي بالادستي چاهيون ٿا آئين جي حڪمراني هجي ۽ بنيادي حق ڏنا وڃن اوهان بيان جاري ڪريو جيڪو موجوده صورتحال کي اجاگر ڪري موجوده صورتحال ۾ اوهان جو بيان اسان لاءِ مددگار ثابت ٿيندو اوهان جي بيان سان فرق پوندو