| عمران جي اسپتال منتقلي بابت درخواست تان اعتراض ختم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ باني پي ٽي آءِ جي اسپتال منتقلي بابت درخواست تي رجسٽرار پاران لڳايل اعتراضن خلاف داخل چيمبر اپيل تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران باني پي ٽي آءِ جي وڪيل عذير ڪرامت ڀنڊاري عدالت آڏو پيش ٿيو. عدالت رجسٽرار سپريم ڪورٽ جا اعتراض ڪالعدم قرار ڏيندي چيمبر اپيل منظور ڪري ورتي. چيف جسٽس عذير ڪرامت ڀنڊاري کي دستخط ٿيل وڪالت نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ جي اسپتال منتقلي واري اپيل کي باقاعده نمبر الاٽ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.عدالت باني پي ٽي آءِ جي اپيل عظميٰ خان جي ڪيس سان گڏ منسلڪ ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻنهي درخواستن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري استدعا پڻ منظور ڪئي وئي.