عمران جي ٽن دهشتگردي ڪيسن ۾ ضمانت رد، بشريٰ کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم

آگسٽ 15, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران جي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ ضمانت رد، دهشتگردي ٽوڙ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو  ٻڌائي ڇڏيو

ان کان اڳ لاهور جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت به پي ٽي آءِ چيئرمين جي 7  ڪيسن ۾ عبوري ضمانت پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي هئي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت غيرحاضري سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جي 3 ڪيسن ۾ ضمانت خارج ڪئي آهي

اي ٽي سي جج ابوالحسنات محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ چيئرمين جون غيرحاضري سبب ضمانتون رد ڪيون ويون،  پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪُهنا ٿاڻي تي 3 ۽ باره ڪهو ٿاڻي تي هڪ ڪيس داخل هو

احتساب عدالت اسلام آباد به گذريل هفتي 190ملين پائونڊ ڪيس ۾ به عمران خان جي ضمانت خارج ڪري ڇڏي هئي

هوڏانهن  اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي کي 9 مئي جي واقعن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو،

بشريٰ بي بي 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آڏو پيش ٿي، بشريٰ بي بي جي عدالتي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ تي ڊيوٽي جج محمد سهيل کيس ويهڻ جي هدايت ڪئي

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل سلمان صفدر به عدالت آڏو پيش ٿيو، جج محمد سهيل بشريٰ بي بي کي واقعن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي

عدالت بشريٰ بي بي خلاف ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ضمانت ۾ 7 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو

Leave A Comment