عمران جي سزا ۽ نااهلي قدرت جو جواب آهي، مونکي ڪڍڻ وارا تاحيات ناهل ٿي چڪا پر آئون اڄ وري عوام آڏو بيٺو آهيان: نواز شريف

فيبروري 5, 2024

مري(پنهنجي ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا ۽ نااهلي قدرت جو جواب آهي
مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مونکي ڪڍڻ وارا تاحيات نااهل ٿي چڪا، پر آئون اڄ عوام آڏو بيٺو آهيان
سندس چوڻ هو ته جنهن جج مونکي سزا ڏياري، اُهو 8 مهينن بعد چيف جسٽس ٿيڻو هو پر استعيفيٰ ڏئي هليو ويو، دال ۾ ڪجهه ڪارو ۽ چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک هو، تڏهن ته هو ڀڄي ويو
نواز شريف چيو ته آئون عوام جي چڱي ڀلي خدمت ڪري رهيو هئس، ٻڌايو وڃي اُن باوجود ڇو نيڪالي ڏني وئي؟
مريم نواز پي ٽي آءِ باني تي تنقيدي ڪندي چيو ته اڳوڻن حڪمرانن جي بي حِسي نٿي وساري سگهجي، مري ۾ برف اندر ڦاٿل ماڻهو مدد لاءِ سڏي رهيا هئا، پر بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نه سُرِي، چونڊن ۾ اهڙن حڪمرانن کان جواب وٺجو ته ماڻهن جي مرڻ وقت ڪٿي هئا؟ هيليڪاپٽر تي 10 منٽن جو سفر هو، پوءِ به هو مدد لاءِ نه پهتو

Leave A Comment