عمران جي صحت بابت افواهه، اڳواڻ اڊيالا پهچي ويا، ملڻ نه ڏنو ويو، ڌرڻو، نفرتون نه وڌايو، “آخري رستو” به آهي: آفريدي

عمران جي صحت بابت افواهه، اڳواڻ اڊيالا پهچي ويا، ملڻ نه ڏنو ويو، ڌرڻو، نفرتون نه وڌايو، “آخري رستو” به آهي: آفريدي

پشاور/راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي صحت بابت مختلف افواهه گردش ڪندا  رهيا،  ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي  عمران  خان سان ملڻ لاءِ اڊيالا جيل ويو ته کيس روڪيو ويو، جنهن کانپوءِ آفريدي ساٿين سميت ڌرڻو هڻي ويهي رهيو، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي  وئي، ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون ٿي پيون. وڏي وزير چيو ته اٺون ڀيرو شرافت سان اچان پيو، جنهن کي ڪير نٿو سمجهي باني سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، توهان نفرتون وڌائڻ چاهيو ٿا، اسان وٽ آخري رستو به موجود آهي، ان بابت غور ڪري  رهيا  آهيون،  7 ڊسمبر  تي ڪي پي ۾ وڏو جلسو ڪنداسين، پوري عوام روڊن  رستن تي نڪري ايندي، هن وڌيڪ چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير آهيان روڪڻ سٺي ڳالهه ناهي اٺون ڀيرو شرافت سان اچان  پيو،  آخر مون کي باني سان ملڻ ڇو نٿو ڏنو وڃي، اسان وٽ آخري رستو به آهي ان تي غور ڪري رهيا آهيون، جيستائين اسان کي باني سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي، اسان ويٺا رهنداسين، اسان چاهيون ٿا ته باني سان ملاقات ڪري ان جي صحت بابت معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا، هوڏانهن پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي وفاقي حڪومت مٿان 5 هزار 3 سئو ارب رپين جي ڪرپشن الزام لڳائيندي چيو آهي ته عوام جي پئسن مان ٻاهر فليٽ ۽ ٻيٽ ورتا پيا وڃن، فاٽا جي ضم ٿيڻ بعد اين ايف سي ۾ ڪي پي جو حصو 19سيڪڙو ٺهي ٿو، 7 سالن کان 350 ارب رپيا ساليانو حصو نه ملي رهيو آهي، تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته عوام کي حڪمرانن کان سوال ڪرڻ گهرجي، ڇڏڻ نه کپي، پي ٽي آءِ باني کي القادر يونيورسٽي ٺاهڻ تي بنا جواز قيد ڪيو ويو، اسان سڀني کي گڏجي ڪرپشن جو حساب وٺڻو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اسان ڳالهين جي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه نه ٿي سگهيو، پي ٽي آءِ باني ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر کي ڏئي ڇڏيو آهي، مون کان ڳالهين بابت صلاح گهري وئي ته ضرور ڏيندس، اسان 26هين ۽ 27هين ترميم خلاف آهيون، آزاد عدليا چاهيون ٿا، پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندا هن چيو  ته باني سان هر صورت ۾ ملاقات ٿيڻ گهرجي، نه وڪيلن جي ملاقات ٿي رهي آهي نه خاندان جي ماڻهن کي ان سان ملڻ ڏنو پيو وڃي، عدالتن جي حڪم تي عمل ناهي ٿي رهيو،  لڳي ٿو قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ڏينهن ٿورا آهن، پي ٽي آءِ باني بابت ڏنل بيان ۾ نواز شريف گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي.