عمران جي صحت بابت خبرن ۽  ملاقات نه ڪرائڻ  تي  پي ٽي آءِ جو سينيٽ ۾ احتجاج: واڪ آئوٽ

عمران جي صحت بابت خبرن ۽  ملاقات نه ڪرائڻ  تي  پي ٽي آءِ جو سينيٽ ۾ احتجاج: واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪرائڻ ۽ اُن جي صحت بابت هلندڙ خبرن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو۔ سينيٽر زيشان خانزادہ چيو ته جيڪڏھن باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي ته اسان اجلاس هلڻ نه ڏينداسين۔ طارق فضل چوڌري چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبر غلط ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اهي خبرون انڊين ميڊيا ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر سينيٽر علي ظفر چيو ته باني پي ٽي آءِ بابت اسان سوال ڪيو هو پر جواب نه مليو۔ عوام جي پريشانيءَ جي سطح تمامي  گهڻي وڌي وئي آهي. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته عمران خان جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي غلط ڳالهيون ڦهلايون پيون وڃن۔ سوشل ميڊيا تي هلايل خبر غلط ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اهي خبرون ٻاهر کان هلايون پيون وڃن۔ هن چيو ته عمران خان جي صحت بابت جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن اُهي انڊين ميڊيا ڪيون آهن۔ عمران خان جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي۔ اڊيالا جيل جي سپرينٽنڊنٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هو ٻڌائي ٿو ته عمران خان مڪمل طور ٺيڪ آهي ۽ صحت بابت ڪا به پريشاني ناهي۔ پي ٽي آءِ جي سينيٽر زيشان خانزادہ چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتون بند ڪيون ويون آهن۔ اسان کي ٻڌايو وڃي ته گذريل ٽن هفتن ۾ عمران خان سان ڪير مليو آهي، جيڪڏهن عمران خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته اسان اجلاس نه هلڻ ڏينداسين۔ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته توهان ائين ڌمڪي نٿا ڏئي سگهو ته اجلاس نه هلڻ ڏينداسين۔ ايوان ۾ ڪورم جي نشاندهي ٿيڻ تي اجلاس 30 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو۔وقفي کان پوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن ٻيهر احتجاج شروع ڪيو ۽ عمران خان سان ملاقات ڪرايو جي نعريبازي ڪئي. سينيٽ ۾ مالي بل انڪم ٽيڪس ترميمي بل جي ڪاپي پيش ڪئي وئي ۽ بل کي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو۔صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جو بل گڏيل اجلاس حوالي ڪيو ويو۔ بل گڏيل اجلاس ڏانهن موڪلڻ واري تجويز سينيٽر سليم مانڊوي والا پيش ڪئي۔ بل سينيٽ منظور ڪيو هو پر قومي اسيمبلي منظور نه ڪيو هو۔ سينيٽ ۾ نجڪاري ڪميشن ترميمي بل پڻ پيش ڪيو ويو جيڪو لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو۔ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن شام چار وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو۔