عمران جي صحت بابت خدشا آهن ملاقات ڪرائي وڃي: عليمه خان

عمران جي صحت بابت خدشا آهن ملاقات ڪرائي وڃي: عليمه خان

لاهور (م ڊ) عمران خان جي صحت تي ڳڻتي جي حوالي سان سندس ڀيڻ عليمہ خان پنجاب جي گھرو کاتي ۽ آءِ جي جيل کي خط لکي عمران خان جي صحت ۽ حفاظت تي خدشن جو اظھار ڪيو آهي. خط ۾ عليمہ خان چيو تہ 4 نومبر کانپوءِ گھر ڀاتين جي عمران خان سان ڪا بہ ملاقات ناھي ٿي، عمران خان گھر ڀاتين ۽ وڪيلن جي فوري ملاقات ڪرائي وڃي. ھن چيو تہ عالمي ميڊيا رپورٽس ۾ عمران خان جي سيڪيورٽي تي سوال اٿي رھيا آھن، عمران خان جي حالت ۽ حراستي صورتحال تي وضاحت طلب ڪئي وڃي، خط ۾ عليمہ خان چيو تہ پنجاب حڪومت عمران خان جي خيريت بابت فوري جواب ڏئي. خط ۾ عليمہ خان چيو تہ عمران خان جي صحت ۽ حفاظت جي حوالي سان شفافيت يقيني بڻائي وڃي ڇو جو عوام ۾ شديد ڳڻتي پيدا ٿي رھي آھي.