| عمران جي صحت بابت پارليامينٽ جي ڪاميٽي ٺاهڻ جو مطالبو |
اسلام آباد: سينيٽ جي اجلاس ۾ عمران جي صحت بابت پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جي يو اءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضى چيو ته باني پي ٽي آئي جي صحت بابت پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا جيل وڃي باني پي ٽي آئي جي صحت جي حالت ڏسي اطمينان حاصل ڪري۔ سينيٽر علي ظفر چيو ته پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا وڃي باني پي ٽي آئي سان ملاقات ڪري اچي۔ آئون هن تجويز جي حمايت ڪريان ٿو۔ مشعل يوسفزئي چيو ته هڪ مهيني کان منهنجي اڳواڻ جي ڪا خبر ناهي ته هن جي طبيعت ڪيئن آهي۔ بشرا بي بي جيل ۾ آهي، مردن جي ويڙهه مردن وانگر ڪريو، غير سياسي عورتن کي هن ۾ شامل نه ڪريو. سينيٽر روبينه قائمخاني،مشعل يوسفزئي جي تقرير تي احتجاج ڪندي چيو ته انهن جي دور ۾ اسان جي عورتن سان ڇا ڇا ٿيندو رهيو آهي۔سينيٽر عون عباس چيو ته جنهن ڀيڻ کي هڪ مهيني کان اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اُن جي ڀاءُ جي صحت ٺيڪ ناهي، اڄ اڱارو آهي، مهرباني ڪري وڪيلن ۽ ڀينرن کي ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، گهٽ ۾ گهٽ پري کان ئي ڏيکاريو وڃي ته هي اوهان جو ليڊر ويٺو آهي۔