عمران جي قيد خلاف 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان

عمران جي قيد خلاف 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان

ڪوئيٽا (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته 5 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي قيد کي ٽي سال مڪمل ٿي ويندا، ان موقعي تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سڄي ملڪ ۾ جمهوري ۽ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عمران خان جي قيد خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته اسان جي جدوجهد پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ هوندي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.