عمران جي محبت يا خوف: عثمان بوزدار جبل جهاڳڻ لڳو

مَي 26, 2023

لاهور( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار جبل جهاڳڻ تي مجبور ٿي ويو آهي

9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون ڪيترن ئي اڳواڻڻ کي روپوشي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب جو اڳوڻي وڏي وزير جا فون نمبر به بند آهن هن جو ڪوبه ڏس پتو نه پيو پوي

ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 مئي کان پوءِ عثمان بوزدار تي پارتي ڇڏڻ لاءِ گهڻو دٻاءُ هو جنهن کانپوءِ هن جابلو علائقي جو رخ ڪيو

ذريعن موجب عثمان بوزدار جتي ترسيل آهي اتي هوائن جو راڄ آهي جنهن جي ڪري پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي سڪون سان ننڊ اچي پئي

عثمان بوزدار پنهنجا فون نمبر به بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب ڪنهن جو رابطو به نه پيو ٿيئيس

Leave A Comment