ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ نئين اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي معافي جو وقت گذري ويو، هاڻ هن کي آئون مصيبت ۾ ڏسي رهيو آهيان
هن چيو ته پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي ۽ ملڪ ۾ نيون پارٽيون وجود ۾ ايندو ڏسي رهيو آهيان عمران خان سان هاڻ ڪير به گڏ نه هوندو
منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِڇڏڻ وارا ق ليگ، پ پ پ، ن ليگ ۽ ڪجهه نئين پارٽين ۾ شامل ٿيندا عمران ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو پر کيس وڃڻ نه ڏنو ويندو
منظور وساڻ چيو ته منهنجون اڳڪٿيون سچ ثابت ٿي رهيون آهن