| عمران جي ٻارن کي ويزا ڏيڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي، نائيڪوپ جي تجديد جو به جواب ناهي مليو: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي ٻارن کي والد سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ ۽ ويزا ۾ غير معمولي دير جي سخت مذمت ڪئي آهي. پي ٽي آئي جي ترجمان موجب جمائما گولڊ اسمٿ جي فراهم ڪيل معلومات نه صرف ڳڻتي جوڳي آهي پر موجوده حڪومت جي بنيادي انساني قدرن ۽ خانداني حقن جي پاسداري ۾ ناڪامي جو به واضح ثبوت آهن. پي ٽي آئي چيو آهي ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود ويزا جاري نه ٿيڻ، جڏهن ته سرڪاري طور 7 کان 10 ڏينهن جي مدت ٻڌائي وئي، اهو ڄاڻي واڻي دير وارو حربو آهي، جنهن جو مقصد سياسي انتقام آهي. نه رڳو ٻارن کي پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پر فون يا خط ذريعي والد سان رابطو جي سهولت کان به محروم رکيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به مهذب معاشري جي اصولن جي خلاف آهي. ترجمان ٻارن اڳ ۾ ئي نائيڪوپ جي تجديد لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن تي اڃا تائين ڪو جواب ناهي مليو. تحريڪ انصاف حڪومت تي زور ڏنو آهي ته عمران خان جي ٻارن کي والد سان ملاقات جي تڪڙي اجازت ڏني وڃي، خاص طور جڏهن انهن جي صحت بابت به ڳڻتي موجود آهي. پي ٽي آءِ واضح ڪيو آهي ته خانداني رشتن کي سياسي انتقام لاءِ قربان ڪرڻ نه رڳو غير اخلاقي آهي پر انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي پڻ آهي.