| عمران جي ڀينرن تي تشدد جي مذمت: اڄ وري اڊيالا وينداسين: عليمه خان |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جي ڀينرن تي تشدد تي سخت احتجاج ڪيو آهي جڏهن ته عمران جي ڀينرن اڄ وري اڊيالا جيل وڃڻ ۽ ملاقات نه ٿيڻ تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي هڪ ترجمان الزام لڳايو آهي ته عمران خان جي ڀينرن کي پنجاب پوليس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس پارٽي جي ڪارڪنن کي پوليس ٽرڪن ۾ پوليس اسٽيشن وٺي وئي ۽ پوءِ آزاد ڪيو ويو. عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران الزام لڳايو ته پوليس اهلڪارن سندس ڀيڻ نورين نيازي کي ڌڪ هنيو ۽ رستي تي گهليو، جنهن سبب هوءَ تقريبن بي هوش ٿي وئي. عليمه خان چيو ته ٻين عورتن کي به پوليس اهلڪارن کڻي هڪ ٽرڪ ۾ ويهاريو. عليمه خان چيو ته هوءَ ۽ سندس ڀينرون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملڻ لاءِ اڊيالا جيل پهتيون هيون، جيڪو اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، پر جيل اختيارين انهن کي عمران خان سان ملڻ جي اجازت نه ڏني. هن چيو ته اسان اڄ به اڊيالا وينداسين جيڪڏهن ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي ته وري ڌرڻو هڻنداسين پوءِ ڀلي گرفتار ڪن. پي ٽي آءِ ترجمان وقاص اڪرم پڻ چيو ته جيل جي ٻاهران پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين جڏهن پوليس رات جي اونداهي ۾ انهن کي تشدد سان اتان ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ چڪري ڏانهن وٺي وئي.