| عمران جي ڀينرن سان بدسلوڪي: ڪي پي وزيراعليٰ جو مريم نواز کي خط |
پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي خط لکياڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتن بابت عدالتي حڪمن تي عمل درآمد جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي خاندان جي ميمبرن، خاص طور تي سندس ڀينرن کي عدالت جي اجازت جي باوجود روڪيو ويو، بدسلوڪي ڪئي وئي ۽ بزرگ عورتن کي هڪ ڪلوميٽر پري روڊ تي ويهاريو ويو، جيڪو غيرانساني، غيراخلاقي ۽ عدالتي حڪمن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن مطالبو ڪيو ته عدالتي حڪمن تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي زيادتي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيلن ۽ پوليس کي واضح هدايتون ڏنيون وڃي ملاقاتن لاءِ هڪ باوقار ۽ قانوني نظام قائم ڪيو وڃي. سهيل آفريدي خبردار ڪيو ته عمران خان جي حقن جي خلاف ورزي ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول ناهي. اميد ته پنجاب حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ انساني وقار کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي ڪارروائي ڪندي.