عمران جي ڀڃ ڊاهه وارن ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 19 جولاءِ تائين واڌ

جُولاءِ 10, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀڃ ڊاهه جي ٽن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ 19 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، جج ابوالحسنات جي عدالت باره ڪهو ۽ ڪهنه ٿاڻي تي داخل ٽن ڪيسز جي ٻڌڻي هلائي

تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ٽائر ساڙڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سمورن ڪيسن ۾ فريادي، گواهه ۽ جاچ ڪندڙ پوليس پاڻ ئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ رڳو عدالت مان ئي انصاف جي اميد آهي

 جج رمارڪس ۾ چيو ته جاچ بروقت ۽ جامع ٿيڻ گهرجي، جوابدار بي گناهه آهي ته انصاف ڏنو ويندو، عدالت ڪنهن به ڌر جو ساٿ نه ڏيندي آهي

 عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽنهي ڪيسن ۾ 19 جولاءِ تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Leave A Comment