منظم نموني فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا: پاڪ فوج
مَي 11, 2023
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج فوجي ٺڪاڻن ۽ ملڪيتن تي حملا ڪندڙن خلاف قانوني ايڪشن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪو ڪم دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، اُهو اقتدار جي حوس ۾ مبتلا سياسي ويس اوڍيل گروهه ڪري ڏيکاريو، آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 9 مئي جي ڏينهن کي ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، عمران خان کي قانون پٽاندڙ حراست ۾ ورتو ويو، گرفتاري بعد منظم طريقي سان فوجي ملڪيتن ۽ ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا ويا، شرپسند خودغرض مقصد لاءِ عوامي جذبات ڀڙڪائي رهيا هئا، فوج پنهنجي ساک جي پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفادن ۾ انتهائي صبر کان ڪم ورتو، مڪروهه رٿابندي تحت پيدا ڪيل صورتحال وسيلي ڪوشش ڪئي وئي ته آرمي پنهنجو فوري ردعمل ڏيکاري، پر پاڪ فوج جي ميچور ريسپانس اُن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، خبر آهي ته اِن عمل پويان پارٽي جي ڪجهه شرپسند ليڊرز جون هدايتون ۽ رٿابندي شامل آهي، جيڪي سهولتڪار، منصوبي ساز ۽ سياسي گروهه ڪارروائين ۾ ملوث آهن، انهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ سندن خلاف قانون پٽاندڙ ڪاروائي ڪئي ويندي، اهي سمورا شرپسند نتيجن جا پاڻ ذميوار هوندا، فوج سوڌو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، فوجي ۽ رياستي ملڪيتن تي ڪنهن به حملي جي صورت ۾ شديد ردعمل ڏنو ويندو، جنهن جي ذميواري مڪمل طور اُن ٽولي تي هوندي، جيڪو ملڪ کي گهرو ويڙهه ڌِڪڻ گهري ٿو، عوام کي ڀڙڪائڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.