عمران جي گرفتاري خلاف ٻڌڻي شروع: نيب عدالت جي توهين ڪئي آهي: سپريم ڪورٽ

مَي 11, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي  ٻڌڻيءَ شروع ڪري ڇڏي،  چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله  شامل آهن، درخواست گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان جي گرفتاري غيرقانوني آهي، هاءِ ڪورٽ جو عمران خان جي گرفتاري قانوني قرار ڏيڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ کيس عدالت سامهون پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب عدالت جي توهين ڪئي آهي نيب عدالت جو وقار مجروح ڪيو آهي، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالتن اندر ائين گرفتاريون ٿيڻ لڳيون ته مستقبل ۾ ڪير به عدالتن تي اعتبار نه ڪندو جڏهن هڪ شخص عدالت آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو ته پوءِ کيس گرفتار نٿو ڪري سگهجي، هن پڇاڻو ڪيو ته نيب قانون هٿ ۾ ڇو کنيو؟ هر شهري کي انصاف تائين رسائي جو حق آهي، سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهنکي انصاف جي حق کان محروم رکي سگهجي ٿو؟ عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف هڪ ٻي درخواست به سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾  عمران خان جي آزاديءَ جو حڪم ڏيڻ ۽ گرفتاريءَ جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، ايڊوڪيٽ محبوب اسلم گجر پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ عمران خان جو تحفظ يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي به اپيل ڪئي وئي آهي، عمران خان پاران گرفتاريءَ بابت اضافي دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن جڏهن ته عمران خان نيب ڪال اپ نوٽيس ۽ ڊي جي نيب کي لکيل خط جي ڪاپي پڻ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيب چيئرمين خلاف داخل ڪرايل پٽيشن ۽ حلفي بيان به جمع ڪرايو ويو آهي، عمران خان درخواست ۾ چيو آهي ته مون کي بايوميٽرڪ تصديق دوران غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو، منهنجي وڪيلن گوهر علي ۽ علي بخاري سان گرفتاري دوران بدتميزي ڪئي وئي، هنن جي اکين تي زهريلي اسپري ڪئي وئي، اضافي دستاويزن کي ريڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي استدعا ڪئي وئي .

Leave A Comment