عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ 8 جون تائين ضمانت ۾ واڌ

مَي 16, 2023

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين  جي ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جي وڪيل  طرفان حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست ڏني وئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عمر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو ته عمران خان وڌيڪ ڪيسز ۾ ڪهڙي ڏينهن اچڻو آهي؟ ان ڏينهن جي تاريخ   مقرر ڪريون ٿا، عدالت عسڪري ادارن  خلاف بيان بازي جي ڪيس ۽ ن ليگ اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها  جي مدعيت ۾ داخل  ڪيس ۾ عمران خان  جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Leave A Comment