عمران جي گرفتاري روڪرائڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ

مَي 16, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري روڪرائڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صفدر سليم شاهه پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 9 مئي يا ان کانپوءِ وارن ڪيسن ۾ گرفتاري روڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت پي ٽي اءِ چيئرمين جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته عمران ڪٿي آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته عدالت حڪم ڪري ته عمران خان پيش ٿي ويندو جنهن تي پنجاب حڪومت جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته عمران پيش ناهي ٿيو ۽ ضمانت گهري پئي وڃي جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسين ضمانت نه پيا گهرون اهو ڪيس لارجز بينچ ڏانهن اماڻي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اها اڳ ۾ ئي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Leave A Comment