عمران جي گرفتاري روڪڻ واري حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ: مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي ڪالعدم قرار

مَي 17, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي ڪالعدم قرار، پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم، عمران خان خلاف هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل  ۽ اسٽيٽ ڪونسل هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، وفاقي حڪومت طرفان عمران خان جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي، عدالت وفاقي حڪومت جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پاران ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

Leave A Comment