عمران خان آڊيو ليڪس ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

مَي 22, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

عمران خان وڪيل بابر اعواڻ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي اجازت کانسواءِ ڪنهن جج کي ڪميشن لاءِ نامزد نٿو ڪري سگهجي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ وارو نوٽيفيڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس پاڪستان آڊيو ليڪس جي معاملي تي ڪميشن جوڙي جيڪا اهو به ڏسي ته آڊيو ٽيپ ڪنهن ڪيون ۽ آڊيو ليڪ ڪنهن ڪيون

Leave A Comment